جکراڻي 2

جکراڻي2: هيءُ بلوچ قوم جي هڪ شاخ آهي، جيڪا مير چاڪر خان جي نسل مان آهي. سندن وڏي جو نالو جکرو هو، جنهن جي پويان هي جکراڻي سڏجڻ لڳا. چارلس نيپيئر هنن جي وڏي سردار دريا خان کي جاگير ڏني هئي. سنڌ ۾ هنن جون هيٺيون ذاتيون مشهور آهن:
عيساڻي، کورکاڻي، موجاڻي، ملڪاڻي، متاڻي، شهواڻي، مير خاني، سيهواڻي، ساواڻي، نوداڻي، درگاڻي، رودناڻي، مرزلياڻي وغيره. ڪي سما جکراڻين کي ’ڄام جکري‘ جو اولاد ڪري سماٽ قوم سان ڳنڍيندا آهن پر جکراڻي بلوچ قبيلو آهي، جيڪو نصير آباد ۽ جيڪب آباد ۾ رهائش پذير آهي. جکراڻي ڪنهن زماني ۾ مشهور برادري هئي. جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو تڏهن هنن کي ڪوهستان مان لڏائي سنڌ جي ضلعي جيڪب آباد ۾ آباد ڪرايو ويو. اتي کين نوڪريون ۽ زمينون ڏنيون ويون. جيستائين سر رابرٽ سنڊيمن بلوچستان ۾ امن قائم نه ڪرائي سگهيو، تيستائين هنن کي ڪاڇي ۾ اچڻ جي اجازت نه هئي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو